يومِ عاشور،ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سموري ملڪ ۾ جلوس برآمد

يومِ عاشور،ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سموري ملڪ ۾ جلوس برآمد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي ڪربلا ۾ يزيد جي فوج هٿان شهادت واري ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ شبيہ علم، تابوت ۽ ذوالجناح جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن.چوڏهن سئو سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي پيش آيل ڪربلا جي سانحي جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ مجلسون ٿي رهيون آهن ۽ جلوس ڪڍيا پيا وڃن.ڪربلا ۾ ٽن ڏينهن جي بک ۽ اڃ کانپوءِ امام حسينؓ ۽ سندن ساٿين جي شهادت جي ياد ۾ نياز ۽ سبيلن جو انتظام ڪيو ويو آهي.يومِ عاشور تي ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشتر پارڪ ۾ مجلس کانپوءِ برآمد ٿي رهيو آهي.لاهور ۾ نثار حويلي اندرون موچي گيٽ مان نڪتل جلوس ڪربلا گامَي شاهه ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ هزارين عزادار مرد، عورتون ۽ ٻار شريڪ آهن.ان کان علاوه ملتان، پشاور، ڪوئيٽا، اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت، اسڪردو، مظفرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به عاشوري جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن.هن موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

حضرت امام حسين جي سربلندي ۽ بقا لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو، شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عاشوري ڏھاڙي تي سندس پيغام ۾ حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سلام آهي اُن حسين عليھ السلام تي، جنهن دينِ محمد ﷺ جي سربلندي ۽ اسلام جي بقا لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪربلا جي تپيل واريءَ تي ڏنل قرباني، صبر، استقامت ۽ وفاداري جي داستان قيامت تائين انسانيت جي رهنمائي ڪندي رهندي. وزيراعليٰ ھائوس مان جاري پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جون عظيم قربانيون امتِ مسلمه جو لازوال سرمايو آهن. حضرت محمد رسول ﷺ جي ڏوھٽي امام حسين عليھ السلام باطل آڏو سر جهڪائڻ بدران سر ڪٽرائڻ قبول ڪيو ۽ پنهنجي پاڪ رت سان اسلام جي آبياري ڪندي حق ۽ انصاف جو علم هميشه لاءِ بلند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته امام حسين عليھ السلام اسان کي عزت، غيرت، صبر، استقامت ۽ باطل قوتن جي سامهون ڊٽجي بيهڻ جو درس ڏئي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪربلا جو هر شهيد وفاداري، ايثار ۽ قرباني جي زندهه تشريح آهي، جڏهن ته حضرت امام حسين عليھ السلام جي شهادت انسانيت کي ظلم ۽ جبر خلاف آواز بلند ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪيو. هن چيو ته اڄ به دنيا جي مظلومن کي ڪربلا مان اميد، همت ۽ استقامت جو پيغام ملي ٿو ۽ انسانيت، انصاف، آزادي ۽ اعليٰ ڪردار جي سربلندي جي علامت حسينت آهي. وڏي وزير چيو ته عاشوري جي ڏھاڙي تي شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ هر دل ڏکويل ۽ هر اک آلي آهي. هن چيو ته ڪربلا حق ۽ باطل جي سڃاڻپ سان گڏ حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد جي علامت آهي. حضرت امام حسين عليھ السلام مسلم امت کي اهو پيغام ڏنو ته حق خاطر هر قرباني ننڍي آهي ۽ ظلم ۽ جبر آڏو خاموش رهڻ اهلِ حق جو شيوو ناهي. هن چيو ته سنڌ ڌرتيءَ سدائين اهلِ بيت عليھ السلام سان محبت ۽ عقيدت کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو آهي، جڏهن ته سنڌ جي صوفين ڪربلا جي عشق، وفا ۽ قرباني جي پيغام کي نسل در نسل منتقل ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحھ جي ڪلام ۾ پڻ ڪربلا جو ڏک ۽ حضرت امام حسين عليھ السلام سان محبت نمايان طور تي جھلڪندي نظر اچي ٿي ۽ “يا حسين عليھ السلام” جي صدا اڄ به مظلوم انسانيت جي دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته عاشوري ڏھاڙي تي سموري سنڌ ۾ مجلسن ۽ جلوسن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت عزادارن کي هر ممڪن سهولتون ۽ پُرامن ماحول فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن دعا ڪئي ته ڌڻي سڳورو اسان سڀني کي حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ اهلِ بيت عليھ السلام جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۽ سندن نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.

ڪربلا جو واقعو حق جي غلبي لاءِ مزاحمت، عدل، صبر ۽ استقامت جو لازوال درس آهي، ڪاشف سعيد شيخ

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ يومِ عاشوره جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو اسلامي تاريخ جو هڪ عظيم باب ۽ حق جي غلبي لاءِ مزاحمت، عدل، صبر، استقامت ۽ قربانيءَ جي لازوال داستان آهي. حضرت امام حسينؓ ۽ سندن جانثار ساٿين ڪربلا جي ميدان ۾ دين اسلام جي سربلندي، انسانيت جي بقا ۽ ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد لاءِ جيڪي عظيم قربانيون پيش ڪيون، اهي قيامت تائين حق جيواٽ تي هلندڙ پانڌيئڙن لاءِ مشعلِ راهه رهنديون.هن اڄ جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته يومِ عاشور جو ڏينهن اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته باطل قوتن آڏو سر جهڪائڻ بدران حق ۽ سچائيءَ لاءِ ثابت قدم رهڻ ئي مؤمن جي شان آهي. حضرت امام حسينؓ پنهنجي اهلِ بيت ۽ ساٿين سميت جانين جا نذرانا پيش ڪري ثابت ڪيو ته اقتدار، دولت ۽ دنياوي مفادن کان وڌيڪ الله جي رضا ۽ دينِ حق جي سربلندي اهم آهي. شهداءِ ڪربلا جي عظيم قرباني امتِ مسلمه کي اتحاد، ڀائيچاري، عدل ۽ انصاف ۽ ظلم خلاف جدوجهد جو درس ڏئي ٿي. اڄ به سڄي دنيا ۾ ظلم، ناانصافي، استحصال ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪندڙن لاءِ ڪربلا جو واقعو هڪ روشن مثال آهي. امام حسينؓ وقت جي آمر ۽ جابر خلاف پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته حق خاطر قرباني ڏيڻ ئي حقيقي ڪاميابي ۽ دائمي عزت جو رستو آهي.پاڪستان سميت سڄي امتِ مسلمه کي اڄ ڪربلا جي حقيقي پيغام کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ سيني سان سانڍڻ جي سخت ضرورت آهي. بدعنواني، ناانصافي، ظلم، معاشي استحصال ۽ اخلاقي زوال جي خاتمي لاءِ اسان کي سيرتِ امام حسينؓ کان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. ملڪ کي درپيش سياسي، معاشي ۽ سماجي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ديانتدار قيادت، عدل تي ٻڌل نظام ۽ اسلامي تعليمات تي عمل ناگزير آهي.امير جماعت اسلامي سنڌ وڌيڪ چيو ته يومِ عاشور جو ڏينهن ان عهد کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته اسين حق ۽ انصاف جي قيام، مظلومن جي حمايت، ظلم جي خاتمي ۽ اسلامي قدرن جي واڌاري لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائينداسين. اهو ئي شهداءِ ڪربلا کي حقيقي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ ۽ سندن عظيم قربانين جي عملي گهرج آهي. اڄ غزه، لبنان ۽ ڪشمير جي مجاهدن، مظلوم فلسطيني عوام ۽ اسلامي جمهوريه ايران بنا نتيجن جي پرواهه جي وقت جي سڀ کان وڏي شيطان ۽ سندن ساٿارين جي ظلم، جارحيت ۽ استعماري قوتن خلاف جنهن جرئت، استقامت ۽ قربانيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، تنهن ڪربلا جي واقعي جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. جيئن حضرت امام حسينؓ ۽ سندن ساٿين حق ۽ سچ جي سربلندي ۽ ظلم خلاف ڊٽجي بيهڻ جو عملي نمونو پيش ڪيو، تيئن اڄ به مظلوم قومون پنهنجي حقن، آزادي ۽ عزت جي تحفظ لاءِ وقت جي ظالم ۽ جابر قوتن آڏو ثابت قدم آهن. امير جماعت اسلامي سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪربلا جو پيغام اهو آهي ته حق جا علمبردار حالتن جي سختين ۽ قربانين کان خوفزده ٿيڻ کان مٿاهون ٿي ڪري باطل قوتن جو مقابلو ڪندا آهن. امتِ مسلمه کي گهرجي ته هو فلسطيني عوام ۽ دنيا جي سڀني مظلوم قومن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ۽ عالمي سطح تي انصاف جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪاشف سعيد شيخ عوام کي اپيل ڪئي ته يومِ عاشور جي موقعي تي امتِ مسلمه جي اتحاد، پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعائن جو اهتمام ڪن ۽ پنهنجي زندگين کي اسلامي تعليمات موجب گذارڻ جو عزم ڪن.

يومِ عاشور صبر، استقامت، ايثار، حق گوئي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف يومِ عاشور تي خصوصي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته يومِ عاشور صبر، استقامت، ايثار، حق گوئي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو.وزيراعظم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪربلا جو واقعو پيغام ڏئي ٿو ته اصولن ۽ قدرن جي پاسداري مهذب معاشري جو بنياد آهي، اسان کي عدل و انصاف، صبر و برداشت ۽ ذميواريءَ جي اوصافن کي هٿي ڏيڻي آهي. هن چيو ته اختلافن، نفرت ۽ انتشار بدران احترام ۽ ٻڌيءَ کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي؛ علما ڪرام، مشائخ، ذاڪرين ۽ ميڊيا يومِ عاشور جي حقيقي پيغام کي اجاگر ڪن. بين المسالڪ (مختلف مسلڪن جي وچ ۾) احترام ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏين، ۽ اشتعال انگيزي توڙي نفرت جو خاتمو ڪن. ان کان علاوه صدرِ مملڪت آصف علي زرداري پڻ يومِ عاشور تي پيغام جاري ڪندي چيو ته يومِ عاشور صبر، استقامت، ايثار، حق گوئي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو. صدرِ مملڪت چيو ته ڪربلا جو واقعو رڳو هڪ تاريخي سانحو ناهي پر هڪ دائمي پيغام ۽ هڪ زنده درسگاهه آهي، يومِ عاشور تي امن، رواداري، احترام ۽ ڀائيچاري جي ماحول کي هٿي ڏيو.
ڪربلا جو اصل پيغام ملوڪيت ۽ ظلم جي نظام خلاف جدوجهد آهي: حافظ نعيم

حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته واقعئه ڪربلا جو اصل پيغام ملوڪيت ۽ ظلم جي نظام خلاف جدوجهد آهي. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته سيدنا امام حسينؓ جو رستو حق، عدل ۽ مزاحمت جو رستو آهي؛ خانوادۂ رسولؐ ڪربلا ۾ پنهنجي ذات يا اقتدار لاءِ نه، پر هڪ نظريي ۽ امت جي اصلاح لاءِ قرباني ڏني. حضرت امام حسينؓ پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته باطل نظام آڏو خاموشي اختيار ڪرڻ اهلِ حق جو رستو ناهي. هن چيو ته اڄ امت مسلمه کي واقعئه ڪربلا جي اصل مقصد کي سامهون رکندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ حضرت امام حسينؓ جي عظيم شهادت امت لاءِ پيغام آهي ته اها نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات ۽ شريعت جي نفاذ لاءِ ڪوشش ڪري. اقامتِ دين جي قيام لاءِ جدوجهد دراصل امام حسينؓ جي مشن جو روح آهي. حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته محرم الحرام اسان کي ياد ڏياري ٿو ته عزت واري زندگي حق سان گڏ بيهڻ ۾ آهي؛ جيڪي قومون ظلم آڏو جهڪي وينديون آهن، اهي پنهنجي آزادي ۽ وقار وڃائي ويهنديون آهن.

واقعه ڪربلا ۾ پوري انسانيت لاءِ عظيم سبق لڪيل آهي: سهيل آفريدي

سهيل آفريدي چيو آهي ته واقعئه ڪربلا ۾ پوري انسانيت لاءِ عظيم سبق لڪيل آهي. عاشوري جي ڏهاڙي تي خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته واقعئه ڪربلا ۾ نواسي رسول ﷺ حضرت امام حسينؓ دينِ اسلام جي سربلنديءَ لاءِ لازوال ۽ بي مثال قرباني پيش ڪئي، جيڪا قيامت تائين ياد رکي ويندي. سهيل آفريدي چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو اسان کي قرباني، حق جي حمايت، باطل جي مخالفت ۽ ظلم خلاف ڏري وڃڻ جو درس ڏئي ٿو. انهن تعليمات تي عمل ڪري مسلمان نه صرف پنهنجي ماضيءَ واري عظمت کي بحال ڪري سگهن ٿا، پر دنيا مان ظلم، ڏاڍ ۽ انسانيت جي استحصال جو خاتمو ڪري پائيدار امن پڻ قائم ڪري سگهن ٿا.خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته سانحه ڪربلا تاريخ جو هڪ عظيم واقعو آهي جيڪو ظالم ۽ نااهل حڪمرانن جي ظلم ۽ بربريت جي ياد ڏياري ٿو. واقعئه ڪربلا ۾ پوري انسانيت لاءِ عظيم سبق لڪيل آهي، حضرت امام حسينؓ يزيدي ظلم ۽ جبر خلاف حق ۽ سچائيءَ جا علمبردار هئا. سهيل آفريدي چيو ته پاڻ ظالم ۽ جابر حڪمرانن ۽ سندن انسانيت دشمن پاليسين خلاف ڏري وڃڻ جو درس ڏنائون؛ حضرت امام حسينؓ پنهنجي گهرڀاتين سميت عظيم قرباني پيش ڪئي. پاڻ حق جي سربلنديءَ لاءِ صبر، استقامت ۽ ثابت قدميءَ جو بي مثال مثال قائم ڪيو. اڄ وقت جو تقاضا آهي ته اسان ظلم، ناانصافي ۽ لاقانونيت خلاف متحد ٿيون. هن چيو ته پاڻ ۾ اختلافن ۾ منجهڻ بدران انهن عنصرن جو خاتمو ڪريون جيڪي انتشار ۽ بي چينيءَ جو سبب بڻجن ٿا. اسلام جي غلبي، پاڪستان جي استحڪام ۽ هڪ پرامن معاشري جي قيام لاءِ هڪ زندهه ۽ باوقار قوم جي حيثيت سان ظلم ۽ ناانصافي خلاف آواز بلند ڪريون. سهيل آفريدي محرم الحرام خاص ڪري عاشوري جي ڏهاڙي دوران امن امان جي قيام ۽ مذهبي هم آهنگي کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي سمورن مڪتبہ فڪر جي علماءِ ڪرام ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته فرقيوارانه هم آهنگي، رواداري، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي فروغ لاءِ پنهنجو هاڪاري ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن.

واقعئه ڪربلا انسانيت لاءِ انصاف جي رستي تي هلڻ جي تحريڪ آهي: مريم نواز

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف چيو آهي ته واقعئه ڪربلا انسانيت لاءِ انصاف جي رستي تي هلڻ جي تحريڪ آهي، سانحه ڪربلا اسلامي تهذيب جي اخلاقي ضمير کي نئين زندگي ڏني.عاشوري جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير مريم نواز شريف شهداءِ ڪربلا جي عظيم الشان قربانين ۽ حضرت بي بي زينبؓ جي صبر ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪيو.هن چيو ته ”شهداءِ ڪربلاؓ ۽ اهلِ بيتؓ سان محبت هر مسلمان جي عقيدي جو نه صرف حصو آهي پر رڳ رڳ ۾وڳي ٿي، سانحه ڪربلا اسلامي تهذيب جي اخلاقي ضمير کي نئين زندگي ڏني. جگر گوشه بتول حضرت امام حسينؓ جي قرباني ۽ شهادت، اسلام ۽ اسلامي قدرن جي بقا لاءِ هئي.“سندن چوڻ هو ته ”واقعئه ڪربلا انسانيت لاءِ انصاف جي رستي تي هلڻ جي تحريڪ آهي، حضرت امام حسينؓ سياسي اخلاقيات جو بهترين ابدي منشور پيش ڪيو؛ حضرت امام حسينؓ جو نالو هر مظلوم لاءِ جرات ۽ شجاعت جو اهڃاڻ آھي.“مريم نواز شريف چيو ته ”واقعئه ڪربلا ڪا عام جنگي داستان ناهي، پر روحاني استقامت جو روح پرور منظرنامو آهي. اڄ اسان کي حضرت امام حسينؓ جي روشن تعليمات موجب عمل ڪرڻ جو عزم ورجائڻو آهي؛ حضرت امام حسينؓ ۽ سندن ساٿين جي شهادت هر دور ۾ مظلوم ۽ مجبور انسانن کي درسِ عمل ۽ ولولو عطا ڪندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو