محرم جا جلوس برآمد، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، فون سروس معطل

محرم جا جلوس برآمد، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، فون سروس معطل

لاهور، اسلام آباد، پشاور: (ويب ڊيسڪ) شهدائي ڪربلا جي عظيم قربانين کي سلام. سڄي ملڪ مان 9 محرم الحرام جا ماتمي جلوس برآمد ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.مختلف شهرن ۾ جلوسن جي رستن تي پوليس، رينجرز ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جا اضافي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته داخلي ۽ خارجي رستن جي نگراني پڻ سخت ڪئي وئي آهي. حساس هنڌن تي واڪ ٿرو گيٽس، سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۽ نگراني جي ٻين جديد نظامن کان مدد ورتي پئي وڃي. ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽريفڪ پلان لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ موبائيل فون سروس جزوي طور تي معطل رهندي.
لاهور
لاهور ۾ نائين محرم الحرام جو مرڪزي جلوس پانڊو اسٽريٽ اسلام پوره مان برآمد ٿي ويو، جلوس سراج بلڊنگ، اسلام پوره چوڪ، نيلي باغ چوڪ ۽ ٻين مقرر رستن تان ٿيندو پراڻي انارڪلي ڏانهن ويندو. مرڪزي جلوس پراڻي انارڪلي، اي جي آفيس ۽ بابا موج دريا روڊ جي رستي امام بارگاهه خيمه سادات پهچندو، خيمه سادات ۾ مجلسِ عزا ۽ نمازِ مغربين جي ادائگي کانپوءِ جلوس ٻيهر روانو ٿيندو. جلوس خيمه سادات تان واپس پنهنجي مقرر روٽ موجب روانو ٿي پانڊو اسٽريٽ پهچي پڄاڻي تي پهچندو.
اسلام آباد
اسلام آباد ۾ نائين محرم الحرام جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه جي سڪس (G-6) اثنا عشري مان برآمد ٿيندو، جلوس جي رستن کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي.
ملتان
ملتان ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه ممتاز آباد مان برآمد ٿيندو، جلوس جي رستن جي سي سي ٽي وي جي مدد سان مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.
پشاور
پشاور ۾ پڻ نائين محرم الحرام جي موقعي تي مختلف امام بارگاهن مان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيندا، جن لاءِ سيڪيورٽي ۽ انتظامي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.نائين محرم الحرام جو پهريون مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه بي بي صاحبه تحصيل مان ٻجهند جو 4 وڳي، جڏهن ته ٻيو مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه قمر بني هاشم سٽي ريلوي اسٽيشن مان شام 4 وڳي برآمد ٿيندو، ٽيون مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه سائين زرين اماميه ڪالوني گلبهار مان شام 4 وڳي 30 منٽن تي روانو ٿيندو. چوٿون مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه پٿر والا محلا هوده گنج مان رات 9 وڳي، جڏهن ته پنجون مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه حسين آباد جهانگير پوره مان رات 9 وڳي برآمد ٿيندو. ڇهون مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه سيد عالم شاهه جعفري ڪوچي بازار مان ۽ ستون جلوس امام بارگاهه آغا سيد نجف علي شاهه ڪوچي بازار مان رات 9 وڳي 30 منٽن تي برآمد ٿيندو، اٺون مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه آغا بهادر علي محلا جٽان يڪه توت، نائون جلوس امام بارگاهه حاجي ملڪ رحمن محلا مروي ها، ڏهون جلوس امام بارگاهه اخوند آباد نو بجوڙي چرچ روڊ مان برآمد ٿيندو. يارنهون جلوس امام بارگاهه علمدارِ ڪربلا ڪوچه رسالدار قصا خواني ۽ ٻارهون مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه محلا حسينيه اسٽريٽ هشت نگري مان رات 10 وڳي برآمد ٿيندو. اهڙي ريت علم جو جلوس امام بارگاهه جعفريه اسٽريٽ هشت نگري، امام بارگاهه آلِ سادات محلا باقر شاهه، امام بارگاهه حسينيه هال پشاور صدر، امام بارگاهه آغا سيد مصطفيٰ شاهه محلا خدا داد ۽ امام بارگاهه سيد مير حيدر شاهه جهانگير پوره مان مختلف وقتن تي برآمد ٿيندا.
ڪوئيٽا
ڪوئيٽا ۾ نائين محرم الحرام جو شبيهه ذوالجناح جو جلوس منجهند جو 2 وڳي امام بارگاهه ناصر العزا مان برآمد ٿيندو، شهر ۾ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي آهي.انتظاميه موجب، جلوسن جي روٽس تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، جلوس جي لنگهن سان ملندڙ گهٽين ۽ روڊن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلوس جي روٽ تي ايندڙ مارڪيٽن ۽ دڪانن کي بند ڪيو ويو آهي. اختيارين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته جلوس جي وقتن دوران ٽريفڪ پلان تي عمل ڪن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو