ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪيش وين لٽڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب، بين الصوبائي ڌاڙيل ٽولي جو سرغنو محمد علي عرف علي لنگڙو گرفتار ڪيو ويو آهي، ڌاڙي دوران لٽيل رقم مان 20 ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واردات ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار پڻ برآمد ڪئي وئي آهي.ڪيش وين جو چيف ڪريو (عملدار) واجد واردات ۾ ملوث مليو آهي، جوابدار محمد علي عرف علي لنگڙي واردات جي منصوبابندي ڪئي هئي. ڌاڙي ۾ ملوث هي ٽولو درجن کان وڌيڪ ميمبرن تي مشتمل آهي، هي گروهه ڪراچي، اسلام آباد، راولپنڊي، ڪوئيٽا ۽ ملتان ۾ وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوهر آباد ۾ نجي سيڪيورٽي ڪمپني جي ڪيش وين مان 30 ڪروڙ رپيا لٽيا ويا هئا، باقي رقم جي هٿيڪار ڪرڻ ۽ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










