ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جو موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جو موسم گرم ۽ گهميل (مرطوب) رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر جو گھٽ ۾ گھٽ درجه حرارت 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ درجه حرارت 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب، شهر ۾ سڄو ڏينهن تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي ۽ هوا ۾ گهم جو تناسب 72 سيڪڙو آهي.










