راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) جمهوريه گھانا جي چيف آف ڊيفينس اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل وليم اگياپونگ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ چيف آف ڊيفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، جي ايڇ ڪيو آمد تي معزز مهمان کي پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي چاق و چوبند دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دفاعي سهڪار کي وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي ملڪن فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل تربيت، دهشتگردي جي خاتمي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.ان موقعي تي گھانا جي چيف آف ڊيفينس اسٽاف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيورانه صلاحيتن ۽ علائقائي امن و استحڪام لاءِ سندن ڪردار کي ساراهيو.ان کان علاوه، گھانا جي نيشنل سيڪيورٽي ڪوآرڊينيٽر عبدالرزاق عثمان نيول هيڊڪوارٽرز جو پڻ دورو ڪيو، جتي هن چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي.پوءِ هن ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدھو سان پڻ ملاقات ڪئي، جڏهن ته گھانا جو چيف آف ڊيفينس اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل وليم اگياپونگ به سندس سان گڏ هو.










