سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪري ڀارت پاڻي جي سياست ڪري پيو

سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪري ڀارت پاڻي جي سياست ڪري پيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪري ڀارت پاڻي جي سياست ڪري رهيو آهي.وفاقي دارالحڪومت مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري غير قانوني قدم کنيو، ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي.هن واضع ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي فريم ورڪ ۾ مسئلن جو پرامن حل واضع ڪيو ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان گڏيل قومن (اقوامِ متحده) جي چارٽر تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ ان لاءِ پرعزم پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو