نصيرآباد مان اغوا ٿيل عورت جو لاش لاڙڪاڻي مان هٿ

نصيرآباد مان اغوا ٿيل عورت جو لاش لاڙڪاڻي مان هٿ

نصيرآباد: (ن س) نصيرآباد مان هڪ ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل بيواهه عورت جو لاش لاڙڪاڻو اسپتال مان هٿ، وارثن طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو. نصير آباد ڀرسان اڄ صبح جو ڏيرا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ستار ڏنو شيخ مان مبينا طور اغوا ٿي ويل 25 ورهين جي بيواهه مسمات ڀاڳل عرف گڏي زال مرحوم شوڪت شيخ جو لاش ستن ڪلاڪن بعد لاڙڪاڻو اسپتال مان وارثن کي مئل حالت ۾ هٿ آيو، جنهن بعد فوتي عورت جو لاش وارثن طرفان نصيرآباد اسپتال آندو ويو جتي نصيرآباد پوليس طرفان اسپتال جو ليٽر نه ڏيڻ ۽ فوتي عورت کي اغوا ڪندڙ جوابدار باڊھ واسي ميهر شيخ کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن نصيرآباد ٿاڻي آڏو احتجاج ڪري بعد ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي فوتڻ جي وارثن ڌڻي بخش، عاشق شيخ، صدر شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته جوابدار ميهر شيخ جيڪو باڊھ جو رهواسي آهي اڄ صبح اسان جي عورت مسمات ڀاڳل کي اغوا ڪري ويو هو جنهن جي گمشدگي جو اطلاع ڏيرا ٿاڻي تي ڏنو ويو ۽ اسان پاڻ به پنهنجي عورت کي گهڻو ڳولهيو ان دوران شام جو لاڙڪاڻو اسپتال مان فون ڪري ٻڌايو ويو ته مسمات ڀاڳل جو لاش سول اسپتال ۾ پيل آهي اچي کڻي وڃو وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي عورت کي جوابدار ميهر شيخ ۽ ٻين زهر ڏئي ماريو آهي جنهن جي پوسٽ مارٽم لاءِ نصيرآباد پوليس ليٽر جاري نه پئي ڪري. هوڏانهن ڊي ايس پي نصيرآباد جي حڪم تي پوليس ليٽر جاري ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ ڏيرا پوليس جوابدار ميهر شيخ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو