پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت صوبائي اسيمبلي ۾ 3 مهينن جي لاءِ عبوري بجيٽ پيش ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته بجيٽ باني چيئرمين سان مشاورت کان پوءِ پيش ڪرڻ جوف يصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان بجيٽ تي عمران خان سان مشاورت چاهيون ٿا، بجيٽ چاهيون ته هڪ ڏينهن ۾ پيش ڪري سگهون ٿا پر هن وقت بجيٽ تي مشاورت هلي رهي آهي.پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ بجيٽ جي متبادل آئيني معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ آرٽيڪل 122، 123 ، 125 جي تحت ووٽ آن اڪائونٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي تجويز بحث هيٺ آئي. انهي سان گڏوگڏ پارلياماني پارٽي ۾ غور هيٺ تجويزن تي قانوني مشاورت جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته اسان جو هڪ ميمبر به هيڏانهن هوڏانهن نه ٿيندو. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جو بجيٽ 15 جون کان پوءِ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ انهي سلسلي ۾ حڪومتي تڪن ۾ مشاورت جاري آهي.










