حيدرآباد (ن س )حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ شاديءَ جي تقريب جو بچيل کاڌو درجنن ماڻهن لاءِ بيماريءَ جو سبب بڻجي ويو، جتي مبينا طور ڪسٽرڊ کائڻ کانپوءِ 107 ڄڻا فوڊ پوائزننگ جو شڪار ٿي اسپتال پهچي ويا.اسپتال اختيارين موجب متاثرن ۾ ننڍي عمر جا ٻار، نوجوان ۽ وڏي عمر جا ماڻهو شامل آهن. متاثرن کي الٽي، پيٽ ۾ سور ۽ طبيعت خراب ٿيڻ جي شڪايت کانپوءِ قاسم آباد تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي نافذ ڪري وڌيڪ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.هڪ متاثر نوجوان جو چوڻ آهي ته “مون ڪسٽرڊ کاڌو هو، جنهن کانپوءِ الٽي ٿي ۽ پيٽ ۾ سخت سور شروع ٿي ويو.ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ موجب ابتدائي رپورٽ ۾ فوڊ پوائزننگ جو سبب ڪسٽرڊ کي قرار ڏنو پيو وڃي. انتظاميا لاڳاپيل پڪوان سينٽر جي جاچ لاءِ سنڌ فوڊ اٿارٽي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.ڊي ايڇ او ڊاڪٽر پير غلام حسين جو چوڻ آهي ته متاثر ماڻهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، تنهن هوندي به کين نگرانيءَ ۾ رکيو ويو آهي. اختياريون واقعي جا سبب ڄاڻڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ ڪري رهيون آهن.










