ٿرپارڪر: چارو کائڻ تي ڏاچيءَ تي تشدد، هڪ اک ضايع

ٿرپارڪر: چارو کائڻ تي ڏاچيءَ تي تشدد، هڪ اک ضايع

ٿرپارڪر (ن س )ٿرپارڪر ۾ چارو کائڻ تي ڏاچيءَ کي مبينا طور تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ڪري سندس هڪ اک ضايع ٿي وئي.پوليس موجب، ڏاچيءَ جي مالڪ جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان داخل ڪيل ايف آئي آر موجب، جوابدارن ڏاچيءَ کي 10 ڏينهن تائين ٻڌي رکيو ۽ مٿس تشدد ڪيو، کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين بکيو اڃيو رکيو ويو. فرياديءَ موجب، شڪايت ڪرڻ جي باوجود مڙساڻي (پنچائت) ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. واقعو منظرِ عام تي اچڻ کانپوءِ لائيوسٽاڪ جي ٽيم متاثر ٿيل ڳوٺ پهچي وئي، جنهن جو چوڻ آهي ته متاثر ڏاچيءَ جي گهرن جهرڪن (زخمن) جو علاج جاري آهي. ٽيم ۾ شامل ڊاڪٽر اجي ڪمار موجب، ڏاچيءَ جي هڪ اک مڪمل طور تي ضايع ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو