لاهور، بينڪ ۾ پئسا جمع ڪرائيندڙ شهريءَ کان 2 بينڪ ملازم رقم کڻي فرار

لاهور، بينڪ ۾ پئسا جمع ڪرائيندڙ شهريءَ کان 2 بينڪ ملازم رقم کڻي فرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ 2 بينڪ ملازمن شهري کان 5 ڪروڙ رپيا هٿ (ڦري ويا، پوليس ترجمان موجب، اهو واقعو لاهور جي علائقي رنگ محل ۾ پيش آيو جتي 2 بينڪ ملازمن شهري کان 5 ڪروڙ رپيا ڦري ويا. ترجمان ٻڌايو ته شهري بينڪ ۾ رقم جمع ڪرائڻ ويو هو، جتي بينڪ ملازمن رقم ورتي ۽ غائب ٿي ويا. پوليس موجب، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري 3 ڪروڙ رپيا برآمد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي جوابدار جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو