اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف جي صدر آصف زرداري سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومتي ٽيم اِيوانِ صدر ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير ۽ وزارتِ خزاني جا اختيارين وزيراعظم سان گڏ هئا.اِيوانِ صدر آمد تي صدرِ مملڪت آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي وفد جي اڳواڻي ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي بجيٽ سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ذريعن موجب، حڪومت ۽ پيپلز پارٽي هڪٻئي جي اڪثر بجيٽ تجويزن تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب، ڪجهه عمل جوڳن (قابلِ عمل) نڪتن تي ٽيڪنيڪل ڪميٽيون مشاورت جاري رکنديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي صدر زرداري کي مبارڪباد ڏني ۽ مرڪندي چيو ته “نوجوان بلاول اسان کان وڌيڪ بهتر چونڊ مهم هلائي.” ذريعن موجب، صدر آصف زرداري مرڪندي جواب ڏنو ته “آخر پٽ ڪنهن جو آهي ذريعن موجب، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به ملاقات ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي هاڻوڪي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي سکر حيدرآباد موٽر وي، سيوهڻ کان ڃامشورو تائين هاءِ وي کي ڊبل ڪرڻ، ڪي فور سميت ترقياتي معاملا اٿاريا. بعد ۾ احسن اقبال چيو ته بجيٽ ڪي فور لاءِ ڦنڊز رکبا ۽ سکر موٽر وي جا 4 سيڪشن وفاق مڪمل ڪندو ۽ هن سال ڪم شروع ٿيندو. باقي ٻيا سيڪشن اسلامي ترقياتي بئنڪ جي منظور ڪيل قرض مان نجي شراڪت ۾ ٺهندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ بل پاس ڪرايو ويندو، جنهن بعد چارئي صوبا دفاعي بجيٽ لاءِ رقم فراهم ڪندا.










