رياض: (ويب ڊيسڪ) اوپيڪ پلس جولاءِ لاءِ تيل جي پيداوار جو ڪوٽا 1 لک 88 هزار بيرل روزاني وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.اوپيڪ پلس موجب، سعودي عرب، روس، عراق، ڪويت، قازقستان، الجزائر ۽ عمان جي وزيرن اهو فيصلو آن لائن گڏجاڻي (ميٽنگ) ۾ ڪيو. تنظيم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهو فيصلو تيل جي منڊي جي استحڪام ۾ مدد لاءِ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گڏوگڏ اهو ميمبر ملڪن کي ان موقعي تي اضافي ڪٽوتين جي تلافي تيز ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏئي ٿو، جڏهن عالمي سطح تي تيل جون قيمتون تاريخي بلنديءَ تي آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر (مشرقِ وسطيٰ) ۾ جاري جنگ جي ڪري عالمي منڊي تي دٻاءُ گهٽ ٿيڻ جا امڪان محدود آهن، ڇاڪاڻ ته آبنائي هرمز جي رستي خام تيل جي رسد (ترسيل) متاثر ٿي رهي آهي. جيسين آبنائي هرمز بند رهندي هي قدم وڌيڪ اهميت نٿو رکي، منڊي کي ڪوٽائن جي اعلانن جي کوٽ ناهي پر اصل مسئلو اهو تيل آهي جيڪو واقعي منتقل ٿي سگهي.ا










