مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آئي جي آزاد ڪشمير جي ترجمان چيو آهي ته ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي شرپسندن جي فائرنگ سبب قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ترجمان موجب، فائرنگ جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ پوليس ۽ سڪيورٽي اهلڪار زخمي پڻ ٿيا.آئي جي آزاد ڄمو ۽ ڪشمير ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي شرپسندن جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي شرپسندن منصوبابنديءَ تحت اهلڪارن کي نشانو بڻايو.










