راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز گذريل 72 ڪلاڪن دوران فتنه الخوارج جا 27 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز مير علي ۽ ميران شاهه ۾ خوارجين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن تي ڪارروائيون ڪيون آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گذريل 72 ڪلاڪن ۾ فتنه الخوارج جا 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل خوارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ ڳولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. اهي عنصر ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۽ بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته ان گروهه جي هلاڪت سان ميران شاهه جي ممتاز شخصيت شهيد ملڪ سيف الله داوڙ جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو بدلو پڻ ورتو ويو آهي ۽ ان گھناؤني ڏوهه ۾ ملوث عنصرن کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو. علائقي ۾ لڪيل وڌيڪ خوارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ’عزمِ استحڪام‘ موجب پنهنجيون ڪارروائيون جاري رکندا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ مان ٻاهرين سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردي پڄاڻي واري اها مهم جاري رهندي.










