مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ 1 هزار پنجاب رينجرز ۽ 2 هزار فرنٽيئر ڪانسٽيبلري آزاد ڪشمير ويندي، جڏهن ته اسلام آباد پوليس جا 2 هزار ۽ سنڌ پوليس جا 1 هزار اهلڪار پڻ آزاد ڪشمير موڪليا ويندا. ڪشمير جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران 9 جون تي هڙتال جو سڏ ڏيڻ تي آزاد ڪشمير حڪومت اهم سفري ايڊوائيزري (سفري هدايت نامو) پڻ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سياحن ۽ مسافرن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اڄ 5 جون کان 20 جون تائين آزاد ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. حڪومت سياحت ۽ ٻين مقصدن لاءِ آزاد ڪشمير ايندڙن کي پنهنجو سفر ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. حڪومت پاران جاري ڪيل ايڊوائيزري ۾ چيو ويو آهي ته امڪاني احتجاجي صورتحال سبب آزاد ڪشمير اچڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ اڳيئي موجود سياحن ۽ زائرين کي 5 جون جي شام تائين واپس هليا وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حڪومت سياحن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ رياست مان واپس هليا وڃن، احتجاج جي سڏ سبب آزاد ڪشمير ۾ سياحتي سرگرمين تي اثر پوڻ جا امڪان آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته سياحن ۽ مسافرن جي حفاظت سڀ کان پهرين ترجيح آهي، حڪومت وقت کان اڳ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون آهن ۽ امڪاني احتجاج توڙي عوامي آمد و رفت ۾ رڪاوٽن کي نظر ۾ رکندي هيءَ خاص ايڊوائيزري جاري ڪئي وئي آهي. آزاد ڪشمير حڪومت سڄي ملڪ جي سياحن ۽ مسافرن کي وقت کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو آهي.










