هارون آباد ۾ ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

هارون آباد ۾ ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

هارون آباد (ويب ڊيسڪ) هارون آباد ۾ ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.حادثو 270 ايڇ آر جي ويجهو پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي بي قابو ٿي موٽرسائيڪل سان وڃي ٽڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون.پوليس اختيارين ريسڪيو ٽيمن جي مدد سان فوت ٿي ويل شخص جي مڙهه کي ضروري ڪارروائيءَ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس سڃاڻپ “ذاڪر” جي نالي سان ٿي آهي. پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي سندس خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڏني وئي آهي، جڏهن ته فوت ٿي ويل ذاڪر جو مڙهه ضروري ڪارروائيءَ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو