اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي سلسلي پاڪستان جي صبر جو امتحان ورتو آهي، تنهنڪري پاڪستاني شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار ملڪ آهي، هزارين پاڪستاني شهري دهشتگردي سبب جانين جو نذرانو ڏئي چڪا آهن. پاڪستاني سڪيورٽي فورسز کي سرحد پار کان رٿابندي، مالي سهڪار ۽ سرپرستي حاصل ڪيل دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو پئجي رهيو آهي؛ ڪا به ذميوار رياست پنهنجي خودمختياري ۽ شهرين جي سلامتي کي نشانو بڻائيندڙ حملن تي خاموش نٿي رهي سگهي.










