بيرسٽر شبير شاهه پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

بيرسٽر شبير شاهه پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت بيرسٽر شبير شاهه کي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهي حوالي سان صوبائي حڪومت طرفان مقرري جو باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.بيرسٽر شبير شاهه انهي کان اڳ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جا فرض انجام ڏئي چڪو آهي ۽ انهي کي قانوني ۽ آئيني معاملن ۾ وڏو تجربو به حاصل آهي.سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بيرسٽر شبير شاهه کي هاڻ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جو عهدو ڏنو ويو آهي. اختيارين موجب انهي کي قانوني ۽ آئيني معاملن ۾ مهارت سبب انهي اهم ذميواري جي لاءِ چونڊ ڪيو ويو آهي. بيرسٽر شبير شاهه جي مقرري جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ اهو صوبي جي پراسيڪيوشن نظام بابت ذميواريون انجام ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو