ڪراچي ۾ پاڻي جو سخت بحران ختم، شهري رلي ويا

ڪراچي ۾ پاڻي جو سخت بحران ختم، شهري رلي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان جاري پاڻي جو سخت بحران ختم نه ٿي سگهيو، شهري رُلي ويا. آچر ڏينهن دھابيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ جي جبري شٽ ڊائون جي ڪري ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي. سومر ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي مين ڪيبل ۾ فالٽ جي ڪري حب پمپنگ اسٽيشن جي بجلي معطل ٿيڻ سبب پاڻي جي فراهمي وڌيڪ گهٽجي وئي. شهري ٽينڪر مافيا جي هٿان مهانگو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حب مان ڪراچي کي روزاني ملندڙ 85 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب، حب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي فراهمي متبادل ذريعن کان جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو