بلوچستان ۾ ڪارروايون، فتنه الهندستان جا 17 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ ڪارروايون، فتنه الهندستان جا 17 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبو تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، سيڪيورٽي فورسز مختلف ڪاررواين ۾ 17 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، 24 مئي تي ٿيندڙ ٽرين حادثي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا. آپريشن جو اهو سلسلو مستونگ، نوشڪي، زهري، خضدار ۽ ڪيچ ۾ شروع ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، ڪاررواين دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو، ۽ سخت فائرنگ جي مٽاسٽا دوران هندوستاني پروڪسي “فتنه الهندستان” سان تعلق رکندڙ 17 دهشتگردن کي هلاڪ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گوليون، ڌماڪيدار مادو ۽ هٿ ٺاهيو بم (آءِ اي ڊي) پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هئا. پاڪ فوج جي شعبو تعلقات عامه موجب، علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن اڃا تائين جاري آهي. “عزمِ استحڪام” تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري قوت سان جاري رهندي ۽ ملڪ مان ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو.
دهشتگردي جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي شهباز شريف پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين
وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. هن بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيورانه صلاحيتن ۽ بهادري کي ساراهيو. شهباز شريف ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم “فتنه الهندستان” جي 17 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين ۽ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪاميابيون پوري قوم جي عزم ۽ اتحاد جي عڪاس آهن. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ عزمن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو، ۽ پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين هي ڪارروائيون جاري رهنديون. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽڻ لاءِ حڪومت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندي ۽ پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو