اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي بجيٽ 5 جون تي پيش نه ڪيو ويندو.
ذريعن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جو 3 جون تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي نئين تاريخ جو تعين نه ٿيو آهي، ۽ وفاقي بجيٽ 8 يا 12 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.
نوٽيفڪيشن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.










