اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته تمباڪو ۽ نڪوٽين جون شيون (مصنوعات) عوامي صحت لاءِ خطرو آهن.تمباڪو نوشي جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نوجوان نسل کي نڪوٽين جي نشي کان بچائڻ قومي ذميواري آهي، آصف زرداري چيو ته اي سگريٽ، ويپنگ ڊوائيسز ۽ نڪوٽين پائوچز پڻ ڳڻتي جو باعث آهن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته تمباڪو دل، ڦڦڙن ۽ ڪينسر سميت ڪيترين ئي موذي بيمارين جو سبب آهي.صدر آصف زرداري اهو به چيو ته والدين، استاد ۽ سماجي اڳواڻ سڳاڙ (آگاهي) مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.










