ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پوليس پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي ٻٽي قتل جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪندي ڇوڪري جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن پوليس موجب بيان ڏنو آهي ته هن غيرت جي نالي تي اهي قتل ڪيا۔
بي بي سي جي رياض سهيل جي رپورٽ موجب سومرڏينهن ملير جي مقامي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد 26 ورهين جي نجيع الله ۽ سندس 20 ورهين جي گهرواري ناديه کي سعود آباد واري علائقي ۾ ڏينهن ڏٺي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو۔
پوليس کي علائقي مان مليل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻنهي مڙس ۽ زال هڪ اڇي رنگ جي آلٽو ڪار ۾ سوار هئا، جڏهن ته موٽر سائيڪل تي سوار ٻه ماڻهو مٿن فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا۔
نجيع الله ۽ ناديه پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي هئي ۽ نڪاح نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو هو۔ هن جوڙي جج آڏو به بيان ڏنو هو ته مٿن ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ناهي، پر عدالت کان ٻاهر نڪرندي ئي سندن پويان لڳل ماڻهن کين قتل ڪري ڇڏيو۔
ايس ايس پي ڪورنگي فدا جانوري موجب مقتول جوڙي جو تعلق سنڌ جي ضلعي دادو سان هو ۽ اهي ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ رهندا هئا۔
ڇوڪري جي والد جو ڌيءَ کي ورغلائي اغوا ڪرڻ جو الزام
نجيع الله جي ڀاءُ عثمان پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سومر جي صبح نجيع الله ۽ ناديه ملير ڪورٽ ۾ پيش ٿيا هئا۔ عدالت ۾ ڇوڪري جا والدين، اڳوڻو مڱيندو ۽ ٻيا مائٽ به موجود هئا۔
مدعي موجب عدالتي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نجيع الله پنهنجي گهرواري سان گڏ آلٽو گاڏي ۾ حيدرآباد روانو ٿيو ۽ ڊرائيور رستي ۾ سعود آباد ڀرسان پيٽرول ڀرائڻ لاءِ گاڏي روڪي۔
ايف آءِ آر موجب، “ان دوران ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار ماڻهو اتي پهتا۔ نجيع الله خطرو محسوس ڪندي ڊرائيور کي چيو ته اهي ماڻهو اسان جو پيڇو ڪري رهيا آهن، گاڏي ڀڄاءِ، پر کين فرار ٿيڻ جو موقعو نه ملي سگهيو۔”
ٻئي طرف ناديه جي والد محمد سليم ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ڌيءَ جي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪنهن نامعلوم شخص سندس ڌيءَ کي ورغلائي اغوا ڪيو آهي۔
ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو هو ته ناديه کي زبردستي يا زنا جي نيت سان وٺي ويو، پر بعد ۾ عدالت ۾ ناديه واضح طور چيو ته هن پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي۔
پوليس موجب حملي آورن اسٽوڊنٽ بيڪري، سعود آباد ڀرسان گاڏي کي گهيرو ڪري ورتو۔ “هڪ موٽر سائيڪل سوار حملي آور گاڏي جي ويجهو اچي فائرنگ شروع ڪئي۔ نجيع الله ۽ ناديه موقعي تي ئي فوت ٿي ويا۔ ڊرائيور خوفزده ٿي گاڏي ڇڏي ڀڄي ويو، جڏهن ته حملي آور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔”
پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ٻنهي مقتولن جي جسم تي ڪيترين ئي گولين جا نشان هئا، پوليس ڪيس قلم 302، 109 ۽ 34 تحت داخل ڪري ورتو آهي۔
ڪورنگي پوليس ناديه جي ڀاءُ ساجد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن پوليس کي ٻڌايو ته ناديه کانئس هڪ سال ننڍي هئي ۽ خاندان اڳ ۾ سندس شادي ساجد گوپانگ نالي شخص سان طئي ڪئي هئي۔
پوليس موجب جوابدار اها دعويٰ به ڪئي ته اهو رشتو “ساڍا ٽي لک رپين” ۾ طئي ٿيو هو ۽ شادي جي تاريخ به مقرر ٿي چڪي هئي۔
جوابدار موجب، ناديه گهر مان هلي وئي هئي ۽ بعد ۾ عدالت ۾ ساڻس ملاقات ٿي۔ هن اعتراف ڪيو ته فائرنگ پاڻ ڪئي ۽ وٽس نائن ايم ايم پسٽل هو، جنهن مان هن ست گوليون هلايون۔
پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ هلندڙ مهيني دوران هن نوعيت جو اهو ٽيون سنگين واقعو آهي۔
گذريل هفتي اتر سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪورٽ ميريچ ڪرڻ تي جوابدارن ڪاشف ميئو جي ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ان کان اڳ جيڪب آباد جي علائقي ٺل ۾ لو ميريج ڪرڻ تي نوجوان حسن ٻرڙو جي سڄي ڳوٺ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو۔










