ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) سوئي سدرن گيس ڪمپني عيدالاضحيٰ 2026 جي دوران گيس جي فراهمي جو خصوصي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان موجب عيدالاضحيٰ 2026 جي موقعي تي گهريلو ۽ واپاري صارفين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ گيس جي بنا ڪنهن رنڊڪ جي فراهمي جو خصوصي شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب اڱارو 26 مئي 2026 جي عيد رات جي موقعي تي گيس رات جو 12 وڳي تائين دستياب رهندي. جڏهن ته عيد جي پهرين ڏينهن اربع 27 مئي کان جمعو 28 مئي 2026(ٽئي ڏينهن) تائين گيس جي فراهمي صبح جو 7:30 وڳي کان رات جو 12 وڳي تائين بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندي. جڏهن ته جمعي تي گيس جي فراهمي رات جو 10 وڳي تائين دستياب هوندي.
جاري ڪيل شيڊول موجب 30 مئي 2026 کان گيس جي فراهمي معمول جي پراڻي نظام تي واپس اچي ويندي جنهن جي تحت گيس صرف ماني پچائڻ جي وقت ۾ فراهم ڪئي ويندي.










