ڳالهين جو ايندڙ دور جلد پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندو، وزيراعظم پراميد

ڳالهين جو ايندڙ دور جلد پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندو، وزيراعظم پراميد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ پنهنجيون ڪوششون جاري رکندو، ۽ اميد آهي ته ايران آمريڪا ڳالهين جو ايندڙ دور جلد پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندو.وزيراعظم جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي امن ڪوششن کي ساراهيون ٿا، خطي ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر اسلامي ملڪن جي اڳواڻن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ٽرمپ سان گفتگو ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، فيلڊ مارشل عاصم منير جون ڪوششون تعريف جوڳيون (قابلِ قدر) آهن. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته ايران سان گهڻا تڻا معاملا طئي ڪيا ويا آهن، ۽ ڊيل جو اعلان جلد متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو