ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته بدامني ڌاڙيل راڄ کان وٺي بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بحران تائين ڪراچي کان ڪشمور سنڌ جي عوام جا ساڳيا سور آھن، سنڌ حڪومت شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ امن فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن ڪري ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي کي ڪچري جي ڍير ۾ ۽ سنڌ جي باقي شهرن کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ غربت گهٽائڻ بدران ڪرپشن ۽ غربت ۾ اضافو ڪري رهي آهي. ورلڊ بنڪ رپورٽ موجب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي.پيپلز پارٽي اقتدار ۽ ذاتي مفادن لاءِ سنڌ جي حقن جو سودا ڪري سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. عيد کان پوء بدلايو نظام کي سنواريو سنڌ کي تحريڪ کي تيز ڪنداسين. سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ حقيقي تبديلي لاءِ عوام کي جاڳڻو پوندو. اھڙن خيالن جو اظهار هن قبا آڊيٽوريم صوبائي باڊي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ ٻين تنظيمي معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ مستقبل جي منصوبابندي ڪئي وئي. صوبائي امير شهباز شريف حڪومت پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي کي مهانگائي، ظلم ۽ ناانصافي جي ماريل عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ 100 رپيا واڌ ڪرڻ ۽ پوءِ انهن کي ٿورو گهٽائڻ حڪومت جي عادت بڻجي وئي آهي، جڏهن ته مسلسل وڌندڙ ٽيڪسن شهرين جي قوت خريد کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن زور ڏنو ته حڪومت کي شاھاڻا خرچ ۽ مفت خوري ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪرڻ گهرجي.#










