سي ڊي ايف جو دورو اشارو آهي ته معاملو حل جي ويجهو پهتو آهي

سي ڊي ايف جو دورو اشارو آهي ته معاملو حل جي ويجهو پهتو آهي

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ايران جو دورو پنهنجي پاڻ ۾ هڪ اشارو آهي ته معاملو ڪنهن حل جي ويجهو پهتو آهي.سيالڪوٽ ۾ ڳالهائيندي دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا ايران ثالثي ۾ اسان آهستي آهستي مثبت نتيجي جي ويجهو پهتا آهيون، اسان دنيا کي هڪ تمام وڏي بحران کان بچائي رهيا آهيون، پاڪستان جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون.خواجه آصف جو چوڻ هو ته الله ڪري اسان جي خطي سميت پاڪستان ۽ دنيا ۾ جلد امن قائم ٿئي.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مهانگائي کان انڪار ناهي، جنهن طبقي جا وسيلا محدود آهن اهو وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، جنگ جي ڪري معيشت تي خراب اثر پيا آهن، ريڪوري (بهتري) جو عمل نه صرف رڪجي ويو آهي پر پوئتي هليو ويو آهي.هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهو امن قائم ٿئي ٿو ته اسان کي وڏي آساني ٿيندي، اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته عام ماڻهو کي ٻن ويلن جي ماني تمام مشڪل سان ملي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو