لڪي مروت: (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائيءَ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٿاڻي ڊاڊيوالا جي حدن ڪيچي ڪمر ۾ پوليس ۽ پوليس امن ڪميٽي ڪارروائي ڪئي، پوليس دهشتگردن تي ڪواڊ ڪاپٽر (ڊرون) ذريعي حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪئي. مارجي ويل دهشتگردن جا لاش ضروري ڪارروائيءَ لاءِ هسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ سندن ٻين ساٿين کي پڪڙڻ لاءِ به ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته چند ڏينهن اڳ ڦاٽڪ چوڪ تي ڏينهن جو هڪ ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ 11 ڄڻا شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا هئا.










