پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته سي اين جي سيڪٽر کي گئس جي فراهمي ۾ خلل جو مسئلو حل ڪيو وڃي.
وڏي وزير سهيل آفريدي وزيراعظم کي خط لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبو تقريبن 494 ايم ايم سي ايف ڊي گئس پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته سي اين جي شعبي کي 36 کان 40 ايم ايم سي ايف ڊي گئس جي ضرورت آهي.
هن چيو ته آرٽيڪل 158 تحت گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي گئس استعمال ڪرڻ جو پهريون حق آهي، خيبرپختونخواهه کي ان جي آئيني حق کان محروم نه ڪيو وڃي. ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ به سي اين جي اسٽيشنن جي بندش کي غير منصفانه قرار ڏنو آهي.
سهيل آفريدي خط ۾ چيو ته خدشو آهي ته سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي بندش سان صوبي ۾ مسئلا پيدا ٿيندا ۽ هزارين ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو.
ڪي پي جي وڏي وزير وزيراعظم کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست پڻ ڪئي.










