نوشهروفيروز اسپورٽس ڪمپليڪس 15 سالن کان نامڪمل

نوشهروفيروز اسپورٽس ڪمپليڪس 15 سالن کان نامڪمل

سکر(ن س) نوشهروفيروز جي 15 سالن کان اڌوري پيل اسپورٽس ڪمپليڪس واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، جتي سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پنهنجي جواب داخل ڪرائيندي منصوبي جي اڌوري هجڻ، فنڊن جي کوٽ، ريوائيز اسڪيمن، ۽ انتظامي ديرن کي تسليم ڪري ورتو آهي۔ جواب ۾ اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته 2009ع ۾ منظور ٿيل هي امبريلا اسڪيم مختلف انتظامي، مالي ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن سبب مڪمل نه ٿي سگهي، جڏهن ته اسپورٽس ڪمپليڪس نوشهروفيروز تي لڳ ڀڳ 35 ملين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود منصوبو اڃا تائين فعال نه بڻجي سگهيو آهي۔
پٽيشنر ان پرسن ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته نوجوانن کي راندين جي سهولتن کان محروم رکڻ سان گڏ عوامي خزاني کي به نقصان پهتو آهي، جڏهن ته هاڻي اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جي جواب مان واضح ٿي ويو آهي ته مختلف کاتن وچ ۾ رابطن جي کوٽ ۽ فنڊنگ مسئلن سبب منصوبو سالن کان رڪيل آهي۔
ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ چيو ته هاڻي اصل ضرورت اها آهي ته سنڌ حڪومت، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، فنانس، ورڪس اينڊ سروسز ۽ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ گڏيل طور تي منصوبي کي “فيس آئوٽ” ٿيڻ کان بچائين ۽ ADP 2026-27 ۾ فنڊ جاري ڪري اسپورٽس ڪمپليڪس مڪمل ڪيو وڃي۔
واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر اڳ ئي ضلعي انتظاميا کي اسپورٽس ڪمپليڪس مان غيرقانوني آفيسون خالي ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري چڪي آهي، جنهن بعد سوشل ويلفيئر ۽ اليڪشن ڪميشن جون آفيسون خالي ڪرايون ويون آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو