اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي 17 مئي آچر ڏينهن 29 ذوالقعد تي طلب ڪيو ويو آهي، چنڊ جي رويت کان پوءِ عيدالاضحيٰ جي تاريخ جو به فيصلو ٿي ويندو.
مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس پاڪستان ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ ڪراچي ۾ طلب ڪيو ويو آهي، چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد اجلاس جي صدارت ڪندو.










