ڪرنٽ سبب فوتي ڪيس، هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم

ڪرنٽ سبب فوتي ڪيس، هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينئر سول جج سٽي ڪورٽ ڪي-اليڪٽرڪ کي مينهن دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب شهري جي فوت ٿيڻ بابت درخواست ۾ 13.5 ملين رپيا معاوضي طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شهري شيخ سعد 2019 ۾ برسات دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو. علائقي جي رهواسين پاران ڪي-اليڪٽرڪ کي پول ۾ ڪرنٽ بابت شڪايتن جي باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي. ڪي-اليڪٽرڪ بجلي جي نظام ۽ تنصيبات کي صحيح طرح سان برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهيو. ڪي-اليڪٽرڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لاڳاپيل ٿلهو ڪي-اليڪٽرڪ جي ملڪيت نه هو، هڪ خانگي جنريٽر جي تارن مان ڪرنٽ خارج ٿي رهيو هو، ڪي-اليڪٽرڪ جون تنصيبون مڪمل طور تي محفوظ آهن، ۽ فوت ٿيل شهري خطرناڪ هنڌ جي ويجهو وڃي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي. عدالت چيو ته بجلي سان لاڳاپيل اداري تي عوام جي حفاظت جي غير معمولي ذميواري آهي. پولن تي ٻين ادارن جي تارن جي موجودگي ڪي-اليڪٽرڪ کي ان جي ذميواري کان آزاد نٿي ڪري سگهي. بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم ۽ عوامي هنڌن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ڪي-اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي. عدالت چيو آهي ته عوامي جڳهه تي لڳل پول ۾ بجلي جي موجودگي پاڻ ۾ لاپرواهي جو ثبوت آهي، ٻار کي بچائڻ جي فوت ٿيل شخص جي ڪوشش کي مڪمل لاپرواهي نه ٿو سمجهي سگهجي، قانون انساني زندگي بچائڻ جي ڪوشش تي نرمي سان ڏسندو آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 90 ڏينهن اندر دعويدارن کي نقصان ادا ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو