اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال لاءِ 4.2 سيڪڙو جي ڊي پي واڌ جو هدف پورو نه ٿي سگهيو، نيشنل اڪائونٽس ڪميٽي هلندڙ مالي سال لاءِ 3.7 سيڪڙو جي ڊي پي واڌ جي منظوري ڏني.سيڪريٽري پلاننگ جي صدارت هيٺ نيشنل اڪائونٽس ڪميٽي هلندڙ مالي سال لاءِ عبوري جي ڊي پي واڌ جي منظوري ڏني.نيشنل اڪائونٽس ڪميٽي هلندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي واڌ جي هدف کي گهٽائي 3.7 سيڪڙو جي ڊي پي واڌ ڪئي آهي.پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس موجب، هلندڙ مالي سال دوران وڏين صنعتن جي واڌ جي شرح 6.11 سيڪڙو، زرعي شعبي جي واڌ 2.89 سيڪڙو، صنعتي شعبي جي واڌ 4.3 سيڪڙو جي هدف جي مقابلي ۾ 3.51 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي جي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو جي هدف 4.09 سيڪڙو کان ٿورو وڌيڪ هئي.پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي رپورٽ موجب، معيشت جو حجم هلندڙ مالي سال ۾ 44 ارب ڊالر وڌي 452.1 ارب ڊالر ٿي ويو آهي، جڏهن ته في ڪس سالياني آمدني 9 سيڪڙو وڌي 533,629 رپيا ٿي وئي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ ڪل مقرر سيڙپڪاري 10.9 سيڪڙو وڌي 16,071 ارب رپيا ٿي وئي آهي، جنهن ۾ خانگي سيڙپڪاري 12.8 سيڪڙو ۽ سرڪاري شعبي جي سيڙپڪاري 11.6 سيڪڙو وڌي وئي آهي. عام حڪومت جي مقرر سيڙپڪاري ۾ 3.9 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جيڪڏهن وچ اوڀر جو تڪرار نه هجي ها ته معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ها.










