ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب زمان جي سخت هدايتن تي سنڌ فوڊ کاتي ۾ ڪرپشن، سرڪاري ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ ھير ڦير، خراب نگراني ۽ قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ وارن سنگين معاملن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي آفيسرن کي نوڪريءَ مان برطرف، ڪيترن ذميوار عملدارن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ڪيس داخل ڪرڻ سميت سرڪاري نقصان جي وصولي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔ سنڌ فوڊ کاتي پاران سنڌ سول سرونٽس ايفيشنسي اينڊ ڊسيپلين رولز 1973 تحت ڪارروائي ڪندي مختلف ضلعن ۾ مقرر فوڊ انسپيڪٽرن ۽ آفيسرن خلاف سخت کاتيوار ايڪشن ورتو ويو آهي۔ حڪمن موجب ضلعي قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي فوڊ ريجن جي فوڊ انسپيڪٽر امان الله مگسي کي WPC قبو سعيد خان ۾ فصل 2022-23 دوران 65 هزار 393 گندم جي 100 ڪلوگرام ٿيلهن جي خردبرد ۽ کوٽ جي الزام ۾ نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي۔ کاتيوار رڪارڊ موجب هن ڪيس ۾ سرڪاري نقصان 867.111 ملين رپيا جڏهن ته مارڪ اپ 327.985 ملين رپيا ظاهر ڪيو ويو، جنهن بعد مجموعي واجب الادا رقم هڪ ارب 195 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بڻجي ٿي۔ لاڳاپيل اختيارين کي سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967 تحت رقم وصول ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔ هڪ ٻي اهم ڪارروائي ۾ ضلعي جيڪب آباد، لاڙڪاڻي فوڊ ريجن جي فوڊ سپروائيزر ۽ انچارج PRC ٺل زيب علي مگسي کي سرڪاري ڪڻڪ جي 37 هزار 207 پي پي بيگز ۾ کوٽ، جڏهن ته 17 هزار 533 پي پي بيگز ۾ مٽي، دز ۽ خراب داڻن جي ملاوٽ ثابت ٿيڻ تي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو۔ فوڊ کاتي موجب هن ڪيس ۾ مجموعي مالي نقصان 596.200 ملين رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ لاڙڪاڻي کي رقم جي وصولي سان گڏ اڳوڻي آفيسر خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون ويون آهن۔ اهڙيءَ طرح ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي فوڊ ريجن جي فوڊ انسپيڪٽر ظهير احمد بروهي کي PRC ڪنڌڪوٽ ۾ فصل 2022-23 ۽ 2023-24 دوران هڪ لک 88 هزار 406 پي پي بيگز، يعني 10 هزار 300.447 ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ ۽ خردبرد جي سنگين الزامن تي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو۔ رڪارڊ موجب هن ڪيس ۾ مجموعي واجب الادا رقم 2.099 ارب رپين کان وڌيڪ ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ ارب 593 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اصل رقم ۽ 505.552 ملين رپين کان وڌيڪ مارڪ اپ شامل آهي۔ لاڳاپيل اختيارين کي سرڪاري نقصان جي وصولي ۽ ذميوار عنصرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن۔ سنڌ فوڊ کاتي ضلعي نوشهروفيروز ۾ پڻ ڪارروائيون تيز ڪندي ڪيترن آفيسرن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن۔ PRC ديربيلو جي انچارج مرتضيٰ اُنڙ کي فصل 2022-23 دوران 39 هزار 550 پي پي بيگز، يعني 2 هزار 264.838 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ تي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، جڏهن ته کيس ستن ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻي صورت ۾ مجاز اٿارٽي يڪطرفو فيصلو ڪندي۔ اهڙيءَ طرح PRC موري جي انچارج فوڊ انسپيڪٽر امداد علي مگسي کي 6 هزار 194 پي پي بيگز، يعني 309.700 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ تي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي۔ فوڊ کاتي پاران نبي بخش لغاري، فوڊ سپروائيزر ۽ انچارج WPC لاکا روڊ ۽ ڪوٽڙي ڪبير، ضلعي نوشهروفيروز، کي پڻ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته WPC لاکا روڊ تي فصل 2023-24 جا 5 هزار 376 پي پي بيگز جڏهن ته WPC ڪوٽڙي ڪبير تي 5 هزار 154 پي پي بيگز جي کوٽ رپورٽ ٿي، جنهن کي قومي خزاني کي وڏو نقصان ۽ سنگين غفلت قرار ڏنو ويو آهي۔ وڌيڪ بابر علي راجپر، فوڊ انسپيڪٽر ۽ انچارج PRC پڊعيدن، الله ڏنو ميمڻ، فوڊ انسپيڪٽر ۽ انچارج WPC نورپور، ۽ نبي بخش لغاري، فوڊ سپروائيزر ۽ انچارج PRC محرابپور، ضلعي نوشهروفيروز، کي پڻ فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔ کاتيوار نوٽيسن ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل آفيسرن جا ابتدائي جواب غير تسلي بخش قرار ڏنا ويا ۽ هو الزامن خلاف ڪو به مؤثر ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، تنهن ڪري کين آخري موقعي طور ستن ڏينهن اندر جواب طلب ڪيو ويو آهي، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ سندھ جي خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب زمان چيو آهي ته فوڊ کاتي ۾ ڪرپشن، سرڪاري ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ ھير ڦير ۽ عوامي وسيلن جي غلط استعمال لاءِ ڪا به گنجائش ناهي۔ هن چيو ته جيڪو به آفيسر يا اهلڪار عوامي وسيلن يا سرڪاري امانت ۾ خيانت جو مرتڪب ثابت ٿيو، ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ هن فوڊ کاتي جي آفيسرن خلاف ڊگهي عرصي کان التوا ۾ پيل شوڪاز نوٽيسن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي ڪارروائيون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون۔ سندس چوڻ هو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداريءَ ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي زيرو ٽالرنس پاليسي تحت بدعنواني ۽ سرڪاري ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ ھير ڦير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي۔ مخدوم محبوب الزمان واضح ڪيو ته قومي خزاني کي پهتل نقصان جي هڪ هڪ پائي وصول ڪئي ويندي، جڏهن ته صرف نوڪريءَ مان برطرفي ڪافي نه آهي پر ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪري وصولي جي عمل کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو۔ هن چيو ته اهي ڪارروائيون صرف چند ماڻهن خلاف ايڪشن نه پر پوري خوراڪ کاتي ۾ شفافيت، جوابداري،نظم ۽ ضبط ۽ عوامي وسيلن جي تحفظ جو واضح پيغام آهي.










