اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف چيو آهي ته يقين آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون جلد مستقبل امن ۾ تبديل ٿينديون.اسلام آباد ۾ پاڪستان علماءِ ڪونسل جي اهتمام هيٺ ڇهين پيغام اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. حرمين شريفين جو دفاع پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز آهي، گڏيل دفاعي معاهدو اسان جي انهي عزم جي تصديق آهي.شهباز شريف چيو ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان، پاڙيسري ملڪ چين ۽ ترڪيه جو دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن آمريڪا ايران جي وچ ۾ ٿيل امن ڳالهين لاءِ پنهنجو حصو وجهي.وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل ڌرين کي ميز تي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. خطي ۾ امن لاءِ فيلڊ مارشل جون ڪوششون اڃان تائين جاري آهن. اسحاق ڊار به اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. آمريڪا ۽ ايران جي قيادت اسان جي دعوت تي اسلام آباد آئي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ 1979 کان پوءِ پهريون ڀيرو سڌيون سنئون ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم چيو ته امت کي ورهائيندڙ ۽ دهشتگردي ۾ ملوث عناصر مسلمان چورائڻ جي لائق نه آهن. ڪشمير ۽ فلسطين تي پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي. ڪشميرين ۽ فلسطينين کي انهن جو حق ملڻ تائين پاڪستان انهن جو ساٿ ڏيندو رهندو.










