اپريل ۾ واپاري خسارو 43.5 سيڪڙو وڌي ويو

اپريل ۾ واپاري خسارو 43.5 سيڪڙو وڌي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي واپاري خساري ۽ درآمدات ۾ واڌ ٿي آهي، وفاقي شماريات بيورو هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي.رپورٽ موجب، اپريل ۾ مهيني جي بنياد تي واپاري خساري ۾ 43.50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته درآمدات ۾ 28.41 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.رپورٽ موجب، اپريل ۾ مهيني جي بنياد تي برآمدات ۾ 9.50 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته درآمدات اپريل ۾ 6.55 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيون ويون.شماريات بيورو جي رپورٽ موجب، اپريل ۾ برآمدات 2.47 ارب ڊالر هيون، جڏهن ته هن مهيني جو واپاري خسارو 4.7 ارب ڊالر کان وڌيڪ هو. اپريل ۾ سالياني بنياد تي واپاري خسارو 3.83 سيڪڙو وڌيو، جڏهن ته درآمدات 7.46 سيڪڙو وڌيون. اپريل ۾ سالياني بنيادن تي برآمدات ۾ 14.03 سيڪڙو واڌ ٿي.رپورٽ موجب، جولاءِ 2025 کان اپريل 2026 تائين واپاري خسارو 20.80 سيڪڙو وڌيو، جڏهن ته موجوده مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ واپاري خسارو 31.99 ارب ڊالر هو.شماريات بيورو موجب، موجوده مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ درآمدات ۾ 6.94 سيڪڙو اضافو ٿيو، ساڳئي عرصي دوران درآمدات جو حجم 57.20 ارب ڊالر رهيو.رپورٽ موجب، موجوده مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ برآمدات ۾ 6.25 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جنهن سان برآمدات جو حجم 25.21 ارب ڊالر رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو