اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا-ايران ڳالهين کي مڪمل طور تي ناڪامي کان بچائڻ ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب، پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تڪرار ۾ سفارتي ثالثي جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير کي هڪ غير روايتي پر مرڪزي شخصيت طور ڏٺو پيو وڃي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ، پابندين ۽ فوجي ڇڪتاڻ سبب امن ڳالهيون مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيون آهن، پر پاڪستان خطي ۾ هم آهنگي ۽ ڳالهين لاءِ رستو هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.










