ٺٽو(عبدالوحيد سومرو) ٺٽي لڳ ڇتوچنڊ ڀرسان 22 آرڊي موري وٽ ھڪ نوجوان گهران ڪاوڙجي وڻ ۾ رسي سان ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ڳوٺاڻن ۽ وارثن پوليس کي اطلاع ڪري وڻ ۾ ٽنگهيل لاش لاهي ورتو ضروري ڪارروائي لاء لاش سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو پيو وڃي ڇتوچنڊ لڳ 22 آر ڊي ڀرسان ڳوٺ علي گوهر بروهي جو رهواسي نوجوان 17 ورهين جو ارشاد علي ولد عبدالرزاق بروهي وڻ ۾ رسي سان ڦاهو وجهي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو سندس وڻ ۾ ٽنگهيل لاش ڳوٺاڻن ڏسي وارثن ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پهچي وارثن سان گڏجي آپگهات ڪندڙ نوجوان ارشاد علي بروهي جو لاش وڻ مان لاهي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي لاء سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو پيو وڃي وارثن جو چوڻ آھي ته گذريل رات دير سان نوجوان ارشاد علي ڪنھن معاملي تان گهران ڪاوڙجي نڪري ويو جنهن کانپوء هن انتهائي قدم کڻي آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي










