بشريٰ بي بي جي صحت بابت خبرون پريشان ڪندڙ آهن: شفيع جان

بشريٰ بي بي جي صحت بابت خبرون پريشان ڪندڙ آهن: شفيع جان

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وزير اعليٰ جي اطلاعات بابت خاص مددگار شفيع جان جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي صحت کي مسلسل نظرانداز ڪري رهي آهي.شفيع جان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني، سندس زال بشريٰ بي بي جي صحت بابت خبرون پريشان ڪندڙ آهن، ۽ بشريٰ بي بي جي اسپتال منتقلي جي معاملي تي پنجاب حڪومت جي خاموشي افسوسناڪ آهي.هن وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي کي بنيادي طبي سهولتن کان محروم ڪرڻ آئين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي.خيبر پختونخواهه جي وزير اعليٰ جي خاص مددگار اهو به چيو آهي ته پنجاب حڪومت جو سياسي انتقام تي ٻڌل رويو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو