بدعنواني تي 8 ضلعي فوڊ ڪنٽرولر عهدن تان فارغ

بدعنواني تي 8 ضلعي فوڊ ڪنٽرولر عهدن تان فارغ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي خوراڪ واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي هدايت تي خوراڪ کاتي سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ضلعي فوڊ ڪنٽرولرن کي فوري طور سندن عهدن تان هٽايو ويو آهي۔ خوراڪ کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاڳاپيل آفيسرن کي فوري طور خوراڪ سيڪريٽريٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي وئي آهي۔ نوٽيفڪيشن موجب حاڪم علي مهر ضلعي فوڊ ڪنٽرولر شڪارپور، خادم علي شر ضلعي فوڊ ڪنٽرولر گهوٽڪي ۽ اضافي چارج ڪشمور ڪنڌڪوٽ، راهول ڪمار پي ڪي ملاڻي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر سکر، عرفان علي جوکيو ضلعي فوڊ ڪنٽرولر خيرپور، نزاکت علي هيسباڻي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر ٿرپارڪر مٺي، منصور احمد ميراڻي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر دادو، جگديش ڪمار ضلعي فوڊ ڪنٽرولر لاڙڪاڻو ۽ اضافي چارج قمبر شهدادڪوٽ، جڏهن ته غلام فاروق ڪلارِي اي ايف سي مقرر بطور ضلعي فوڊ ڪنٽرولر سانگهڙ کي عهدن تان هٽايو ويو آهي۔ خوراڪ واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن، بدعنواني ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو۔ هن واضح ڪيو ته عوامي مفاد خلاف ڪم ڪندڙ ۽ پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان ادا نه ڪندڙ آفيسرن خلاف بنا فرق ڪارروائي جاري رهندي۔ هن چيو ته خوراڪ کاتي ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ احتساب کي هر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ بدعنوان عنصرن لاءِ کاتي ۾ ڪا به جاءِ ناهي۔ خوراڪ واري صوبائي وزير هن عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عوامي وسيلن جي تحفظ ۽ خوراڪ کاتي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ اصلاحي قدم وڌيڪ مؤثر بڻايا ويندا۔

پهنجو تبصرو موڪليو