هنگو ۾ پوليو ٽيم تي حملو هڪ اهلڪار فوت 4 زخمي

هنگو ۾ پوليو ٽيم تي حملو هڪ اهلڪار فوت 4 زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخوا جي ضلعي هنگو ۾ اڻڄاتل ماڻهن انسداد پوليو ٽيم تي حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو ۽ چار زخمي ٿي پيا آهن۔
پوليس موجب جوابي ڪارروائي ۾ حملي ڪندڙن خلاف قدم کنيا ويا آهن، جنهن دوران ٻن حملي ڪندڙن جي مارجي وڃڻ جون خبرون آهن، پر انهن جا لاش ساٿي پاڻ سان کڻي ويا آهن۔
هنگو پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هي حملو هنگو جي علائقي ڇپري وزيران ۾ پيش آيو۔ پوليس جي جاري ڪيل بيان موجب شدت پسندن اوچتو پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ پنج پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جن مان هڪ اهلڪار فوت ٿي ويو۔
پوليس ترجمان عرفان طارق پنهنجي بيان ۾ چيو ته پوليس فوري طور جوابي ڪارروائي ڪندي شدت پسندن جو ڀرپور مقابلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن شدت پسندن جي مارجي وڃڻ جون اطلاع آهي۔
اطلاع آهي ته ان علائقي ۾ انسداد پوليو مهم جاري هئي، جنهن لاءِ پوليس به مقرر ڪئي وئي هئي۔
پوليس ترجمان موجب واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ شدت پسندن جي ڳولا ۾ مصروف آهن۔
ٻئي پاسي اختيارين چيو آهي ته هنگو ۾ جاري پوليو مهم معمول مطابق جاري رهندي ۽ شدت پسند قوم جا حوصلا هرگز ڪمزور نٿا ڪري سگهن۔
خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي ضلعي هنگو ۾ انسداد پوليو ٽيم تي فائرنگ جو نوٽيس ورتو آهي ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي آهي۔
وڏي وزير طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي فرض سرانجام ڏيندڙ اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلانه عمل آهي۔
هن زخمي پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو