ڪوئيٽا، اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي

ڪوئيٽا، اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي

ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ويسٽرن باءِ پاس تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. فوتين جي لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.فوتين جي سڃاڻپ محمد موسيٰ ۽ احمد علي جي نالي سان ٿي آهي. فوتين جي مائٽن ويسٽرن باءِ پاس تي واقعي خلاف احتجاج ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير فائرنگ واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ گهرو کاتي ۽ آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته بزدلانه عمل ناقابل برداشت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو