اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڄ کان مٽيءَ جي تيل ۾ 4.66 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.مٽيءَ جي تيل جي نئين قيمت 433.40 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.پيٽرول جي في ليٽر قيمت 321.17 رپيا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 335.86 رپيا برقرار آهي.حڪومت تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي پيٽرول تي پي ڊي سي طور 95.59 رپيا في ليٽر ادا ڪندي.حڪومت تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ڊيزل تي پي ڊي سي طور 203.88 رپيا في ليٽر ادا ڪندي.










