ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي پل ڀرسان تيز رفتار ڪار فوٽ پاٿ تي چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ روڊ جي صفائي ڪندڙ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ڪراچي جي علائقي شاه فيصل ڪالوني کان ڪورنگي کي ملائيندڙ ملير ندي پُل تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري فوٽ پاٿ تي چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ صفائي ڪندڙ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق ڪار نمبر اي ايف ٽي 716 سان حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن روڊ تي صفائي ڪندڙ عملي جا ميمبر فوٽ پاٿ تي ماني کائي رهيا هئا زخمين کي فوري طور امداد لاءِ جناح اسپتال آندو ويو جتي 2 زخمي جارج مسيح ۽ عورت فيروزه ستار فوت ٿي ويا جڏهن ته زخمين ۾ صوفيه ۽ روبن شامل آهن. جڏهن ته ڪار ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو آهي پوليس ڪار کي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڊرائيور جي تلاش شروع ڪري ڏني آهي.










