اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موٽر وي پوليس 11 مختلف بسن کي موٽر وي تي سفر ڪرڻ کان 7 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو.ترجمان موجب، مسافرن کي ٽرنڪ ۾ ويهڻ جي خطرناڪ عمل تي لاڳاپيل بسن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.ٽول پلازا تي چيڪنگ دوران مسافرن کي بس مان ڪڍيو ويو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر ويز تي مسافرن سان غير انساني سلوڪ برداشت نه ڪيو ويندو.
موٽر وي پوليس موجب، شهرين جي محفوظ ۽ آرامده سفر کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.










