ملڪ ۾ برسات، جبلن تي برفباري، لاهور ۾ ڪڪر ڇانئجي ويا

ملڪ ۾ برسات، جبلن تي برفباري، لاهور ۾ ڪڪر ڇانئجي ويا

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات پئي، جنهن سان موسم خوشگوار ٿي وئي. لاهور ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن گرمي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ به ڪڪر ڇانيل رهيا. ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ 21 مارچ تائين برسات جو امڪان آهي آزاد ڪشمير جي اڪثر علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي، سوات جي ميداني علائقن ۾ برسات، مٿاهين سياحتي هنڌن تي برفباري ٿي، مالم جبه ۾ برفباري کان پوءِ وادي جي قدرتي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. موسميات کاتي عيد تي به آسمان ڪڪرن وارو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن ۾ 25 مارچ تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ مينهن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو