شهدادپور (ن س) شھدادپور ۾ ھلڪي برسات پوڻ دوران ڪڻڪ جو لابارو ڇڏي انب جي وڻ ھيٺيان اچي ويٺل پورھيتن مٿان کنوڻ ڪرڻ سبب نوجوان پٽ فوت پيء زخمي، شھدادپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن اندر ھلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو ملدسي روڊ جي ڳوٺ سلطان ڪپري لڳ اڳوڻي ڊي جي ايف آء اي بشير ميمڻ جي سئوٽ مبشر ميمڻ جي زمين تي ڪڻڪ جو لابارو ڪندڙ پورھيتن برسات پوڻ سبب لابارو ڇڏي انب جي وڻ ھيٺيان اچي ويٺل پورھيتن جي مٿان اوچتو آسماني بجلي کنوڻ ڪڙڪاٽ ڪري اچي انب جي وڻ مٿان ڪري پئي جنهن سبب 18 سالا نوجوان پٽ پريم چند ڪولھي فوت ٿي ويو ۽ سندس پيء مالجي ڪولھي سخت زخمي ٿي پيو ـ فوتي ۽ زخمي کي علائقي واسين سمس اسپتال شھدادپور پھچايو ـ جتي فوتي پريم چند ڪولھي جي فوت ٿيڻ جي ڊاڪٽرن پاران تصديق ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ـ جڏهن ته زخمي مالجي ڪولھي کي طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي فوتي جو اطلاع گهر پھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو










