ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڊجيٽل گورننس کي هٿي ڏيڻ لاءِ اپاءَ تيز ڪندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سڌارا شفاف، موثر ۽ عوام دوست حڪومت لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن اها ڳالهه اي-اسٽيمپنگ سسٽم جي معاهدي واري تقريب جي صدارت ڪندي ڪئي. سي ايم هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ صوبائي وزيرن؛ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ سيد سردار شاهه، صلاحڪار علي راشد، سنڌ حڪومت جي ترجمانن؛ بلند خان جوڻيجو ۽ نادر نبيل گبول، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، رٿابندي ۽ ترقي کاتي جو چيئرمين نجم شاهه، بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر خالد حيدر شاهه، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب دوران بورڊ آف روينيو سنڌ ۽ سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (ايس آءِ ٽي سي) وچ ۾ ماسٽر سروس ليول ايگريمينٽ ۽ سروس آرڊر تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد اي-اسٽيمپنگ پليٽفارم جي توسيع ۽ جاري رکڻ آهي. هن اُپاءَ سان سرڪاري دستاويزن کي ڊجيٽل بڻائڻ، جعلي اسٽامپ پيپر ختم ڪرڻ ۽ شهري خدمتون آسان ڪرڻ جو ارادو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اهي سڌارا سنڌ ۾ گورننس کي جديد بڻائڻ جي وڏي حڪمت عملي جو حصو آهن. هن ٻڌايو ته گذريل پنج مهينن ۾ 7 لک 30 هزار کان وڌيڪ چالان پراسيس ٿيا آهن ۽ 12.8 ارب رپيا شفاف طريقي سان وصول ڪيا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته اي-اسٽيمپنگ سسٽم سان جعلي اسٽامپ پيپر مافيا جو خاتمو، بئڪ ڊيٽ دستاويزن جي روايت جو خاتمو ۽ ماڻهن کي سرڪاري آفيسن جي ڊگهن قطارن کان نجات ملي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ مڪمل پيپر ليس نظام متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان شهري پنهنجي موبائل يا ليپ ٽاپ ذريعي آن لائن اسٽامپ دستاويز حاصل ڪري سگهندا. وڏي وزير چيو تھ هي رڳو ٽيڪنالاجي اپگريڊ ناهي پر حڪومت ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جي بحالي آهي. هن چيو ته سنڌ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ شهري ۽ معاشي طور متحرڪ صوبو آهي، ان لاءِ جديد گورننس ضروري آهن. هن مقصد لاءِ ايس آءِ ٽي سي قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن مختلف کاتن ۾ ڊجيٽل تبديلي آندي وڃي. وڏي وزير ايس آءِ ٽي سي جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ کاتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ اداري سان ڀرپور سھڪار ڪيو وڃي. هن گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ (G2G) فريم ورڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته هاڻي کاتا سڌو سنئون ايس آءِ ٽي سي سان معاهدا ڪري سگهن ٿا، جنهن سان منصوبن جي رفتار وڌندي. سيد مراد علي شاهه ”سنڌ پي“ نالي هڪ ڊجيٽل ادائيگي پليٽفارم جو اعلان پڻ ڪيو، جنهن ذريعي شهري موبائل فون تان ٽيڪس، فيسون ۽ ٻيون ادائيگيون ڪري سگهندا. هن چيو ته صوبي ۾ ڊيٽا سينٽر پڻ قائم ڪيو پيو وڃي ته جيئن حساس ڊيٽا ملڪ اندر محفوظ رهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ھٿرادو ذهانت (آرٽيفيشل اٽيليجنلس) جي استعمال تي به غور ڪري رهي آهي ته جيئن شهري 24 ڪلاڪ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ سرڪاري خدمتن بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن. تعليم ۽ انتظامي ادارن ۾ پڻ ڊجيٽل سڌارا آندا پيا وڃن، جن ۾ يونيورسٽين اندر شاگردن جي رڪارڊ جي ڊجيٽل تصديق، پراپرٽي ٽيڪس سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن، ڊوميسائل ۽ پي آر سي سرٽيفڪيٽن جو آن لائن جاري ڪرڻ شامل آهي. تقريب دوران صلاحڪار علي راشد چيو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مستقبل جي گورننس آهي، جيڪا تيز، شفاف ۽ آسان خدمتون مهيا ڪندي. ان موقعي تي ايس آءِ ٽي سي جي سي اي او زين العابدين شاهه چيو ته اي-اسٽيمپنگ سسٽم سان جعلي اسٽامپ پيپر ۽ مالي بيضابطگين جو خاتمو ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته ھٿراڌو ذھانت (اي آءِ) چيٽ بوٽ پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي. بريفنگ ۾ ”سنڌ سٽيزن سپر ايپ“ جو پڻ ذڪر ڪيو ويو، جنهن ۾ 130 کان وڌيڪ سرڪاري خدمتون هڪ پليٽفارم تي فراهم ڪيون وينديون. آخر ۾ بورڊ آف روينيو ۽ ايس آءِ ٽي سي وچ ۾ اي-اسٽيمپنگ جي توسيع لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن کي سنڌ ۾ شفاف ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل گورننس ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو ويو.










