آءِ جي سان انڊونيشيا جي قونصل جنرل جي  ملاقات

آءِ جي سان انڊونيشيا جي قونصل جنرل جي ملاقات

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍهو سان انڊونيشيا جي قونصل جنرل مدزاڪر Mr. Mudzakir جي سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ملاقات ٿي۔ ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ ان موقعي تي انڊونيشيا جي قونصل جنرل صوبي ۾ سيڪيورٽي انتظامن ۽ گڏيل امن امان جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔ انڊونيشين قونصليٽ جنرل طرفان سنڌ پوليس جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ امن امان جي قيام لاءِ ڪيل قدمن کي ساراهيندي سيڪيورٽي انتظامن جي فراهمي تي ٿورا پڻ مڃيا ويا۔ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍهو معزز مهمان کي صوبي ۾ امن امان جي قيام ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهي ڏني۔ ملاقات ۾ ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز ۽ اي آءِ جي آپريشنز پڻ موجود هئا۔ ملاقات جي پڄاڻي تي سنڌ پوليس طرفان انڊونيشيا جي قونصل جنرل کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي وئي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو